تازه ترين

عالمي بئنڪ صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت جي اهم ڀائيوار آهي؛ مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عالمي بئنڪ صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت جي اهم ڀائيوار آهي،  سنڌ ۾ اسٽنٽنگ جي شرح 46 سيڪڙو آهي، جهن کي گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سيد مراد علي شاهه سان عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجيَ بينهسن پنهنجي ماهرن جي ٽيم سان گڏ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻارن جي ننڍي قد واري سنگل ايجنڊا تي ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته ننڍي کنڊ ۾ ٻارن جو گهٽ وزير ۽ ننڍو قد هجڻ تمام گهڻو آهي، پاڪستان ۾ ننڍو قد هجڻ جي شرح 40 سيڪڙو آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ٻارن جي ننڍي قد جي شرح 46 سيڪڙو آهي، جنهن کي گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سيد مراد علي شاهه چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي واريون اسڪيمون هر ڳوٺ تائين پهچائڻ جو پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي، صفائي سٿرا ۽ پاڻي جي نيڪاليءَ وارا مسئلا به حل ڪيا پيا وڃن. عالمي بئنڪ جي ٽيم چيو ته سنڌ ۾ سندن 6 پروگرام جاري آهن، جن ۾ صحت پروگرام، هيلٿ اينڊ پاپوليشن پراجيڪٽ، سوشل پروٽيڪشن، رورل سروسز، گهرن جي اڏاوت ۽ اسٽنٽنگ کي حل ڪرڻ شامل آهي……………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.2 ° C
31.2 °
31.2 °
7 %
6.9kmh
0 %
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون