وزيراعظم ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي اسڪينڊل ۾ فوڊ سڪيورٽي جي چئن آفيسرن کي معطل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي اسڪينڊل ۾ فوڊ سڪيورٽي جي چئن آفيسرن کي معطل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف نگران حڪومتي دور ۾ ڪڻڪ ٻاهران گهرائيندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو. حڪومتي ذريعن موجب واڌو ڪڻڪ ٻاهرين ملڪ مان گهرائيندڙ ذميوارن جو پتو لڳايو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جاچ ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب وفاقي وزارت نيشنل فوڊ سڪيورٽي جي 4 آفيسرن کي معطل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري نيشنل فوڊ سڪيورٽي محمد آصف خلاف باضابطه ڪارروائي جي منظوري ڏني وئي آهي. اڳوڻي ڊي جي پلانٽ پروٽيڪشن اي ڊي عابد کي معطل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. وفاقي حڪومت پاران فوڊ سڪيورٽي ڪمشنر ون ڊاڪٽر وسيم، ڊائريڪٽر سهيل کي به معطل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ذميوار آفيسرن تي خراب حڪمت عملي جوڙڻ ۽ غفلت جو چارج لڳايو ويو آهي. هوڏانهن اعظم شهباز شريف ڪڻڪ جي حوالي سان اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير رانا تنوير ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي ڪڻڪ خريداري بابت بريفنگ ڏني ويندي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
35%
3.1m/s
0%
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون