- Advertisement -
اوٻاوڙي ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز پاران ڏوهارين خلاف آپريشن تيز ڪيو ويو .
گهوٽڪي جي ايس ايس پي سمير نور چنه ۽ رينجرز جي ڪرنل محمد عاطف رونتي جي ڪچي هلندڙ آپريشن جو معائنو ڪيو.
ان موقعي تي ايس ايس پي گهوٽڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آهي.
سندس چوڻ هو ته آپريشن ۾ اي پي سي چين ۽ جديد مشينري ذريعي ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي.
ايس ايس پي جو چوڻ هو ته ڪچي ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن کي سيل ڪري ماڻهن جي جهڙتي ورتي پئي وڃي، شڪ جي بنياد تي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
سمير نور چنا چيو ته ڏوهارين جي خاتمي ۽ امن بحال ٿيڻ تائين ڪچي ۾ آپريشن جاري رهندو.- Advertisement -
