تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ڇهن ورهين کانپوءِ وري ن ليگ جو بنا مقابلي صدر چونڊجي

- Advertisement -
اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ڇهن ورهين کانپوءِ وري ن ليگ جو بنا مقابلي صدر چونڊجي ويو، سندس چوڻ آهي ته  ڪارڪنن ثاقب نثار جو فيصلو رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ وجهي کيس ٻيهر صدر چونڊيو آهي، هن پنهنجي پٽ کان پگهار وٺڻ کان انڪار ڪيو، ڪهڙو ثاقب نثار جي پٽ کان پگهار طلب ڪئي. ن ليگ جي چيف اليڪشن ڪمشنر راڻا ثناءُ الله جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ نوازشريف جي بنا مقابلي پارٽي صدر چونڊجڻ جو اعلان ڪيو. احسن اقبال جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي منظور ڪيو ويو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته اجلاس نوازشريف جي قيادت تي مڪمل اعتماد ڪري ٿو، کيس 2017ع ۾ سازش تحت جبري طور پارٽي عهدي کان ڌار ڪيو ويو. صدر چونڊجڻ بعد خطاب ڪندي  نوازشريف چيو ته ڪارڪنن ثاقب نثار جو فيصلو رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ وجهي کيس ٻيهر صدر چونڊيو آهي، هن پنهنجي پٽ کان پگهار وٺڻ کان انڪار ڪيو، ڪهڙو ثاقب نثار جي پٽ کان پگهار طلب ڪئي. هن چيو ته اڄ انهن کي گهرايو جن فيصلو ڪيو هو ته نوازشريف کي سدائين لاءِ فارغ ڪيو وڃي ٿو، انهن کي ڪارڪنن جو فيصلو ڏيکاريو، نوازشريف وري انهن جي سامهون بيٺو آهي. نوازشريف چيو ته هو پنهنجي ننڍي ڀاءُ شهبازشريف کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو، وڏيون ڏکيائيون آيون پر پارٽي سنڀالڻ واري امتحان ۾ شهبازشريف پورو لٿو. ن ليگ جي صدر چيو ته شهبازشريف کي آڇ ڪئي وئي ته نوازشريف کي ڇڏي وزيراعظم  ٿي وڃي، پر شهبازشريف اهڙي وزارت عظميٰٰ کي ٿڏي ڇڏيو جيڪا ڀاءُ سان بي وفائيءَ عيوض ملي رهي هئي. نوازشريف چيو ته مريم نواز کي سندس آڏو جيل مان هٿڪڙي هڻي گرفتار ڪيو ويو، حمزا شهباز به مڙسيءَ سان جيل ڪاٽيو، راڻا ثناءُ الله، خواجه سعد رفيق، شاهد خاقان عباسي، سميت اڳواڻن توڙي ڪارڪنن  سختيون بردشت ڪيون. ن ليگ جي صدر چيو ته سياست پنهنجي جاءِ تي آهي پر سندن رشتو هميشه قائم رهندو ۽ مضبوط رهندو. نوازشريف چيو ته 1990ع ۾ کيس هٽايو نه وڃي ها ته غربت ۽ بيروزگاري نالي ڪا به شيءِ نه هجي ها، 2017ع ۾ شين جا اگهه ڇا هئا ۽ هاڻي ڇا آهن؟ ن ليگ جي صدر چيو ته  پي ٽي آءِ بانيءَ سياست جي شروعات کي اسٽيمبلشمينٽ جي ڪلهن ذريعي ڪئي، کيس پيغام ڏنو ويو ته عهدو ڇڏيو، پر هن چيو ته جيڪو ڪرڻو آهي ڪريو نوازشريف ڪڏهن به استعيفيٰ نه ڏيندو. نوازشريف چيو ته پي ٽي آءِ باني انهن ڳالهين جو جواب قوم کي ڏي، هو 9 نه پر 28 مئي وارا آهن، جنهن 5 ارب ڊالر جي آڇ ٿڏي ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
27 %
2.8kmh
96 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون