تازه ترين

آءِ سي سي، ٽي ٽوئنٽي فارميٽ لاءِ رانديگرن جي نئين رينڪنگ جاري

- Advertisement -
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل آءِ سي سي، ٽي ٽوئنٽي فارميٽ لاءِ رانديگرن جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. نيئن رينڪنگ ۾ پاڪستان مان محمد رضوان ۽ بابر اعظم ٽاپ فائيو ۾ شامل آهن، جڏهن ته باقي ڪوبه بالر ٽاپ ٽين ۾ جڳهه والاري نه سگهيو آهي. آءِ سي سي جي نئين رينڪنگ ۾ ڪابه نمايان تبديلي نه ڪئي وئي آهي، ڀارتي رانديگرن سوريا ڪمار ياديو جو پهريون نمبر برقرار آهي، جڏهن ته انگلينڊ جي فل سالٽ جي ٻئي ۽ محمد رضوان جي ٽئين پوزيشن برقرار آهي. قومي ٽيم جي ڪپتان  بابر اعظم جو رينڪنگ ۾ چوٿون نمبر آهي، جڏهن ته انگلينڊ جو ڪپتان جوش بلٽر هڪ درجو ترقي ماڻي ستين نمبر تي اچي ويو آهي. بالرن جي لسٽ ۾ انگلينڊ جو عادل رشيد ٽاپ تي آهي، پاڪستان جو ڪوبه بالر ٽاپ ٽين ۾ جاءِ ٺاهي نه سگهيو آهي، شاهين شاهه آفريدي صرف 3 درجا ترقي ماڻي 12 نمبر تي اچي ويو آهي. ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊر ۾ بنگلاديش جي شڪيب الحسن سڀني رانديگرن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، سندس نالو پهرين نمبر آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
32 %
3.8kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون