- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير سان آذربائيجان جي پرڏيهي وزير ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علاقائي امن ۽ استحڪام بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير سان آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بهراموف ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جي ملاقات جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن، علاقائي امن ۽ استحڪام بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون.
آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف ٻنهي ملڪن جي پراڻي ڀائپي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي آذربائيجان جي بچاءَ ۽ سلامتي جي شعبي ۾ گڏيل سهڪار جو يقين ڏياريو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير آذربائيجان جي هٿياربند فوج جي مثالي جرئت، بهادري ۽ پيشواراڻي صلاحيت جي ساراهه ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، آذربائيجان جي پرڏيهي وزير طرفان پنهنجي ملڪ جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آذربائيجان جي پرڏيهي وزير علاقائي امن ۽ سلامتي لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي ساراهه ڪئي.- Advertisement -
