تازه ترين

پي ٽي آءِ باني کي پنهنجو وات بند ڪرڻو پوندو: خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڇڪتاڻ گهٽائڻي آهي ته پي ٽي آءِ باني کي پنهنجو وات بند ڪرڻو پوندو، لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ باني ڇڪتاڻ وڌائڻ چاهي ٿو. خانگي ٽي وي چئلنج سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته مجيب الرحمان بابت ٽوئٽ تان پوئتي هٽڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هي پهريون موقعو آهي پي ٽي آءِ ڪنهن پوسٽ کان پوئتي هٽي رهي آهي. هن چيو ته کيس لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ باني ڇڪتاڻ وڌائڻ چاهي ٿو ۽ ٻيهر 9 مئي جهڙي ڪوشش ڪري رهيو آهي. خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ باني ڍاڪا سانحي جو حوالو ڏئي ڇڪتاڻ وڌائڻ چاهي ٿو، سياست يا راند ۾ جيڪو به پي ٽي آءِ باني سان سٺو هليو هن ان کي ڏنگيو آهي. بچاءَ واري وزير چيو ته ڇڪتاڻ گهٽائڻي آهي ته پي ٽي آءِ باني کي پنهنجو وات بند ڪرڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
31.2 ° C
31.2 °
31.2 °
7 %
6.9kmh
0 %
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون