- Advertisement -
ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته 9 مئي سانحي ۾ ملوث ماڻهن سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن.
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته ڳالهين جو اصول واضح آهي جيڪو رياست خلاف بيهندو ان سان ڳالهيون نه ٿينديون.
هن چيو ته ڳالهين ۽ مفاهمت تي سندس پختو يقين آهي، هن ئي پارليامينٽ آڏو 126 ڏينهن واري ڌرڻي کي ڳالهين ذريعي اٿاريو.
ڊپٽي وزيراعظم چيو ته سياست ۾ مفاهمت ۽ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، 9 مئي سانحه رياست خلاف بيهڻ هو، جي ايڇ ڪيو، جناح هائوس ۽ ٿاڪن تي حملا ڪرڻ تي ڪا به معافي نه ٿي ڏئي سگهجي.
اسحاق ڊار چيو ته فارميشن ڪمانڊرز ميٽنگ ۾ جيڪو موقف اختيار ڪيو ويو، اهو هر پاڪستانيءَ جو موقف آهي، 9 مئي سانحي ۾ ملوث عنصرن لاءِ رعايت مناسب ناهي.
پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم 4 کان 8 جون تائين چين جو دورو ڪندو، ان دوري ذريعي سٺيون خبرون اينديون، سي پيڪ ۽ سڪيورٽي بابت معاملا موجودد آهن.- Advertisement -
