سنڌ حڪومت صوبي ۾ 90 ڏينهن لاءِ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

- Advertisement -
  سنڌ حڪومت صوبي ۾ 90 ڏينهن لاءِ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پوليس، قانوني لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سڪيورٽي گارڊن کي ڇوٽ حاصل هوندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته هٿيارن جي نمائش ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. ٽي ٽي عبدالخالق منگي…… ………… بريڪنگ نيوز……… واپاري علي شيخاڻي پاران  اعلانيل هڪ ڪروڙ رپيا نصرالله گڏاڻي جي وارثن حوالي ڪيا ويا آهن. جي ڊي سي سربراهه ظفر عباس صحافي نصرالله گڏاڻي جي وارثن سان تعزيت ڪئي. ظفر عباس هڪ ڪروڙ رپيا نصرالله گڏاڻي جي وارثن حوالي ڪيا. ٽي ٽي اشرف شاهه….. ….. بريڪنگ نيزو. ڄامشوري ۾ حيسڪو بجلي چورن خلاف ڪارروايون ڪندي 300 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا آهن. عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪارروايون مانجهند، لاکا، کاڻوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيون ويون. ڪڪاررواين دوران 300 کان وڌيڪغيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا،. ٽي ٽي فهد جانوري………… ….. بريڪنگ نيوز. ٽنڊي آدم ويجهو مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. مقابلي دوران جوابدار گلزار ٻرڙو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدار 12 ڪيسن ۾ گهربل آهي. ٽي ٽي عاشق علي بهڻ………….. …… صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو شڪارپور ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هر ٻار کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ لاءِ جامع پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. شڪارپور ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبائي وزير عذرا پيچوهو جي صدارت هيٺ ايمرجنسي آپريشن سينٽر سنڌ ۾ هنگامي اجلاس  ٿيو. اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو جو اهو چوٿون ڪيس آهي. صوبائي وزير صوبي ۾ ماحولياتي  نمونا ٻيهر سامهون اچڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته چئن ورهين دوران شڪارپور ۾ پهريون ڪيس سامهون آيو آهي. اجلاس ۾ جامع ايڪشن پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اي او سي سنڌ جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر ارشاد علي سوڍر شڪارپور ڪيس ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ وبائي صورتحال جو تفصيلي تجزيو پيش ڪيو. بريفنگ ۾ شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ ڪشمور کي وبا پکڙجڻ وارن ضلعن ۾ شامل ڪرڻ تي روشني وڌي وئي. ارشاد علي انهن ضلعن جي به نشاندهي ڪئي، جتي پوليو وائرس پکڙجڻ جو سڀ کان وڌيڪ خطرو آهي، انهن خطرن کي گهٽائڻ لاءِ  پوليو ايريڊيڪيشن انيشيٽوِ  جي حڪمت عملي پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ غذائي قلت ۽ زيرو ڊوز وارن ٻارن جي لسٽ  شيئر ڪرڻ به شامل آهي. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو انفيڪشن جي خطري کي گهٽائڻ لاءِ حفاظتي ٽــُـڪَن ۽ غذائيت جي خدمتن لاءِ ٻارن جي نگرانيءَ جي اهميت تي زور ڀريو. اجلاس ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ايِ پي آءِ ڊاڪٽر نعيم راجپوت سميت ٻين شرڪت ڪئي………. ….. ملت ٽريڪٽر لميٽيڊ سڄي دنيا ۾ 25 سئو ٽريڪٽر يونٽس وڪرو ڪري نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي. ٽريڪٽر فراهم ڪرڻ جي حوالي سان هڪ پروقار تقريب ٿي، جنهن ۾ ملت گروپ جي چيئرمين سڪندر مصطفيٰ خان، بورڊ آف ڊائريڪٽرز، سي اي او ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي چيو ويو ته ملت ٽريڪٽرز لميٽڊ، پاڪستان جي پهرين ٽريڪٽر مينوفيڪچرنگ ڪمپني آهي، جنهن 2023 ۽ 2024ع دوران 17 ملين ڊالرن جي ماليت جا ٽريڪٽر، انجڻ ۽ پرزا برآمد ڪري نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. ٽريڪٽرن جي وڪري سان  ايڪسپورٽ ۾ غيرمعمولي واڌ ٿي آهي، جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 51 سيڪڙو وڌيڪ آهي. بريفنگ ۾ چيو ويو ته دنيا ۾ ملت جي ٽريڪٽرن جو وڪرو خود ڪمپني جي اعليٰ معيار ۽ ڪارڪردگي جو چٽو ثبوت آهي جو سندس تيار ڪيل شين تي سڄي دنيا جو اعتماد بحال آهي. تقريب کي خطاب ڪندي ملت گروپ جي چيئرمين سڪندر مصطفيٰ خان، ملت ٽيم جي عزم کي ساراهيو ۽ مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڏکڻ آمريڪا، وچ اوڀر، آفريڪا ۽ افغانستان سميت دنيا ۾ ڪسٽمرن جو اعتماد بحال رکڻ جو ڪريڊٽ ملت جي ٽيم ڏانهن وڃي ٿو…. …… لاڙڪاڻي ۾ آدمشماري دوران ڊيوٽي ڪندڙ استاد طرفان معاوضو نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. وڌيڪ تفصيل ٻڌائي رهيو آهي سنڌ ٽي وي نيوز جو رپورٽر گلبهار شيخ …….. اڳڙا ۾ سيد برادري طرفان پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. وڌيڪ تفصيل ٻڌائي رهيو آهي سنڌ ٽي وي نيوز جو رپورٽر ارباب تنيو …….. سيالڪوٽ ۾ ڦرلٽ ڪندڙ ٽولي کي گرفتار ڪري  هڪ ڪروڙ رپين جي رقم هٿ ڪئي وئي آهي. وڌيڪ تفصيل ٻڌائي رهيو آهي سنڌ ٽي وي نيوز جو رپورٽر عمر اڪبر …. سوئي گيس ۾  بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڳوٺ حاجي بادل راڄپر جي رهواسين پاران محمد حسن راڄپر، جمشيد، ساجد،غلام حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته بااثرن مٿن حملو ڪري سندن ٽن ماڻهن کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. مظاهرين جو چوڻ هو ته پوليس بااثرن سان ٻٽ بڻيل آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي……. … قمبر ويجهو ڳوٺ گيلو کوسو جي رھواسين طرفان بااثرن ۽ پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو. محمد مراد کوسي، سندس زال حور ۽ راحت خاتون ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته سندن ڳوٺ جي بااثرن وحيد کوسي، پھلوان ۽ مشتاق کوسي رستي جي مسئلي کي جواز بڻائي حملو ڪري کين زخمي ڪري ڇڏيو آھي، اھڙي واقعي جي ڊرگھه ٿاڻي تي فرياد پڻ داخل ڪرائي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏيو. احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته ڊرگھه ٿاڻي جي ڪرپٽ عملدارن خلاف ايڪشن کڻي ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃِي. … دريا خان مري ڀرسان ڳوٺاڻو عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويو آهي. ڳوٺ محمد عثمان خاصخيلي جو رهواسي 45 سالن جو طالب حسين خاصخيلي مبينا طور تي اغوا ٿي ويو آهي. مغوي جي پٽ حاڪم علي خاصخيلي جو چوڻ آھي ته سندس پيءُ، مٺياڻي ۾ عذر خواھي ڪرڻ جو چئي گھران نڪتو، جنهن بعد واپس نه موٽيو، سندس موبائل فون نمبر بند آھي. پوليس جو چوڻ آهي ته طالب حسين خاصخيلي ڪالھه کان گم ٿيڻ جو اطلاع مليو آھي، سندس موبائل فون جي آخري لوڪيشن ڪرمپور ديھه بجاراڻي جي ملي آھي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.4 ° C
32.4 °
32.4 °
16%
5m/s
3%
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون