يوسف رضا گيلاني طرفان سجاول ۾ سالن کان بند پيل ديوان موٽرز پلانٽ جي ٻيهر بحالي جو افتتاح ڪيو

- Advertisement -
سجاول ڀرسان سالن کان بند پيل ديوان موٽرز پلانٽ ٻيهر شروع ٿي ويو، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني سجاول پهچي پلانٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. سيد يوسف رضا گيلاني ديوان سٽي پهچي ديوان موٽرز پلانٽ جو دورو ڪري موٽرز ڪمپني جي ٻيهر بحالي جو افتتاح ڪيو . تقريب ۾ ديوان گروپ جو چيئرمين ديوان محمد يوسف، ڪوريا ۽ چين جي وفدن سميت موٽر پلانٽ جي انتظامي ۽ سيڪيورٽي عملدارن سميت عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته ديوان موٽرز پلانٽ جي بحالي سان ھتي ھر قسم جي گاڏين جي تياري وارو عمل ٻيهر شروع ٿيندو ۽ روزگار جا وسيلا وڌندا. يوسف رضا گيلاني وڌيڪ چيو ته سي پيڪ وسيلي پاڪستان ۾ روزگار جا وسيلا وڌيا آھن ۽ ملڪ تيزي سان ترقي ڪري رھيو آھي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
31.7 ° C
31.7 °
31.7 °
21%
4.6m/s
21%
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون