- Advertisement -
ڀارت ۾ لوڪ سَڀا جي چونڊن ۾ مودي جي انتها پسنديءَ واري موقف جي شڪست ٿي آهي، ڪانگريس اتحاد مودي جي مينڊيٽ کي وڏو نقصان پهچايو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب لوڪ سڀا جي چونڊن جا سمورا مرحلا مڪمل ٿيڻ بعد نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، چونڊن ۾ ٻن وڏن سياسي اتحادن حصو ورتو هو.
حڪمران پارٽي بي جيَ پي نيشنل ڊيموڪريٽ الائنس جي چونڊ پليٽ فارم تان ميدان ۾ لٿي، جڏهن ته 37 مخالف ڌر جي اتحاد انڊيا جي قيادت ڪانگريس ڪئي.
شروعاتي نتيجن موجب ڪانگريس اتحاد وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ مودي جي چونڊ اتحاد جي مقابلي ۾ 232 سيٽن تي ميدان ماري ورتو آهي.
2019ع جي عام چونڊن ۾ ڪانگريس ۽ ان جي اتحادي پارٽين رڳو 91 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي.
هيل تائين آيل نتيجن موجب حڪمران پارٽيءَ جي اتحاد 292 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي، سندس دعويٰ 400 کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪرڻ جي هئي.
گذريل اليڪشن ۾ مودي ۽ سندس اتحادي پارٽين 352 سيٽون حاصل ڪيون هيون.
ڀارت ۾ لوڪ سڀا جون 272 سيٽون حاصل ڪندر پارٽي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ هوندي.
حڪمران پارٽي بي جيَ پي اتحاد جي سيٽن ۾ گهٽتائي ۽ مخالف ڌر جي حيران ڪندڙ ڪاميابيءَ تي ڀارتي اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريڪ ڪئي وئي، انڊيڪس 43 هزار 378 پوائنٽن کانپوءِ 72 هزار 76 پوائنٽن تي اچي ويئ.
سرڪاري بئنڪن، انفرااسٽرڪچر ۽ ڪيپٽل گڊز فرمون جي شيئرز ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي- Advertisement -
