سنڌ ۾ 20، 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، ڊگهي لوڊشيڊنگ کان عوام تنگ اچي چڪو آهي : شازيه مري

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته سخت گرميءَ ۾ بجلي نه هئڻ سبب ماڻهو پريشان آهن، سنڌ ۾ 20، 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي  آهي، وفاق طرفان يونيورسٽين جي فنڊنگ روڪڻ افسوس جوڳو عمل آهي، مهانگائي ۾ حڪومت جي اوليت عوام کي رليف ڏيڻ هئڻ گهرجي، وفاق ۽ صوبن کي معاشي صورتحال ڏسي حڪمت عملي تيار ڪرڻ گهرجي، قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس فوري طور طلب ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شازيه مري چيو ته سنڌ ۾ 20، 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، ڊگهي لوڊشيڊنگ کان عوام تنگ اچي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت وفاقي وزير جو بيان غلط آهي، وفاقي وزير چئي رهيو آهي ته ڏهن ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪٿي به لوڊشيڊنگ ناهي ٿيندي، وفاقي وزير جي بيان سان سندن بجلي پوري ناهي ٿيندي. پ پ اڳواڻ شازيه مري چيو ته وفاقي وزير کي دعوت آهي ته هڪ ڏينهن سکر، نوشهروفيروز، سانگهڙ ۽ ٻين علائقن ۾ گذاري ڏسي ته ڪيتري لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، وزيراعظم شهباز شريف کي اپيل آهي ته فوري طور تي لوڊشيڊنگ بابت اجلاس طلب ڪري پر ايڪشن به وٺي. هن چيو ته وفاق طرفان يونيورسٽين جي فنڊنگ روڪڻ افسوس جوڳو عمل آهي، مهانگائي ۾ حڪومت جي اوليت عوام کي رليف ڏيڻ هئڻ گهرجي. پ پ اڳواڻ شازيه مري چيو ته وفاق ۽ صوبن کي معاشي صورتحال ڏسي حڪمت عملي تيار ڪرڻ گهرجي، قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس فوري طور طلب ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
25%
3.1m/s
21%
اربع
19 °
خميس
21 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °
آچر
18 °

تازه ترين خبرون