تازه ترين

لڪي مروت ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل 6 جوانن فوجي اعزاز سان اباڻي علائقن ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

- Advertisement -
لڪي مروت ۾ شهيد ٿيل صوبيدارميجر محمد نذير سميت ڇهن جوانن جا مڙهه مڪمل فوجي اعزاز سان اباڻي علائقن ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا. 9 جون تي لڪي مروت ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ ڪيپٽن محمد فراز الياس، صوبيدار ميجر محمد نذير، لانس نائڪ محمد انور، لانس نائڪ حسين علي، سپاهي اسد الله، سپاهي منظور حسين ۽ سپاهي راشد محمود شهيد ٿي ويا هئا. شهيد صوبيدار ميجر محمد نذير، لانس نائڪ محمد انور، لانس نائڪ حسين علي، سپاهي اسد الله، سپاهي منظور حسين ۽ سپاهي راشد محمود جي جنازي نماز ۾ حاضر سروس آفيسرن، جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز بعد شهيدن جا مڙهه اباڻي علائقن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، شهيدن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ٿيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
22 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
7 %
6.7kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
36 °
خميس
35 °

تازه ترين خبرون