تازه ترين

ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي ميچ ۾ بنگلاديش نيڌرلينڊ کي 25 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي ميچ ۾ بنگلاديش نيڌرلينڊ کي 25 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڪنگز ٽائون ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڊَچ ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ بنگلاديش کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. بنگلاديشي ٽيم اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنسون ٺاهيون، بنگالي ٽيم طرفان شڪيب الحسن شاندار ففٽي هنئي ۽ 64 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ٻين رانديگرن ۾ تنزد حسن 35 ۽ محمد الله 25 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. نيڌرلينڊ طرفان آريان دت ۽ ميڪرين 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. بنگلاديش طرفان مليل 160 رنسن جي حدف جي جواب ۾ ڊچ ٽيم ستن وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنسون ٺاهي سگهي، ائين بنگلاديش 25 رنسن تان ڪاميابي ماڻي. نيڌرلينڊ طرفان سائبرانڊ 33، وڪرمجيت سنگهه 26 ۽ اسڪاٽ ايڊورڊ 25 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. بنگلاديش طرفان رشاد حسين 3، تسڪين احمد 2، مستفيز  رحمان تنظيم حسين  ۽ محمد الله هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. شاندار ففٽيءَ تي شڪيب الحسن کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
10 %
7kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
36 °
خميس
35 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون