تازه ترين

اسرائيل طرفان غزه جي مختلف علائقن تي هوائي ۽ زميني حملن جو سلسلو جاري

- Advertisement -
اسرائيل طرفان غزه جي مختلف علائقن تي هوائي ۽ زميني حملن جو سلسلو جاري آهي، غزه ۾ يهودي فوج جي تازين ڪاررواين ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 34 فلسطيني شهيد ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري الجزيره جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوج غزه جي دير البلاع سميت مختلف علائقن ۾ فضائي ۽ زميني ڪارروائيون ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 34 فلسطيني شهيد ٿي ويا. غزه جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر 2023ع کان هن مهل تائين جنگ ۾ 37 هزار 266 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو تعداد شامل آهي، جڏهن ته 85 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن. الجزيره جي رپورٽ موجب اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي فوج رفح ۾ جاري آپريشن ٻن هفتن اندر ختم ڪري ڇڏيندي، ڇو ته جنگ جو ٻيو مرحلو پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي، جنگبندي جي صورت ۾ رفح ۾ آپريشن ختم ٿي ويندو. جيڪڏهن ڪو معاهدو نه ٿيو ته اسرائيل غزه ۾ آپريشن جي حوالي سان پنهنجي ايندڙ عمل جو تعين ڪندو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.8 ° C
21.8 °
21.8 °
53 %
1.3kmh
90 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون