تازه ترين

سينيٽ جي ناڻي بابت ڪميٽيءَ نان فائلرن جي پرڏيهه سفر تي پابنديءَ جي تجويز منظور ڪري ورتي

- Advertisement -
سينيٽ جي ناڻي بابت ڪميٽيءَ نان فائلرن جي پرڏيهه سفر تي پابنديءَ جي تجويز منظور ڪري ورتي،  ايف بي آر چيئرمين امجد زبير ٽوانا چيو آهي ته ايندڙ مالي سال کان پروسسنگ ۽ پيڪڊ اٽِ، دال، چانور، کنڊ ۽ مصالحن تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ٿيندي. سينيٽ جي ناڻي بابت ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايف بي آر چيئرمين ۽ انڊسٽري جي نمائندي شيخ وقار احمد شرڪت ڪئي. اجلاس دوران مقامي طور تي ٿيار ٻارن جي کير تي ارڙهن سڪيڙو ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته شيخ وقار چيو ته سيلز ٽيڪس وڌائي ويندي، سيلز ٽيڪس سان ٻارن جي کير جي اگهه ۾ واڌ ٿي ويند.ي ايف بي آر چيئرمين امجد زبير چيوته کير جي ڪمپنين ٻن ورهين دوران پنهنجي شين جا اگهه ڪيترائي ڀيرا وڌايا آهن، پر اهي حڪومت کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، حيران ڪندڙ آهي ته ملٽي نيشنل ڪمپنين جا ڊسٽريبيوٽر به ٽيڪس نيٽ ۾ ناهن، ايندڙ مالي سال کان زيرو ريٽنگ مڪمل ختم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته امپورٽڊ کير ٻيڻي قميت ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، ايندڙ مالي سال کان پروسسنگ ۽ پيڪڊ اٽِ، دال، چانور، کنڊ ۽ مصالحن تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ٿيندي، جيڪڏهن هو سيلز ٽيڪس ڇڏي ڏين ته ڪمپني به پنهنجي قميت ارڙهن سيڪڙو گهٽ ڪري. اجلاس دوران ڪميٽيِءَ نان فائلرن جي پرڏيهه سفر تي پابنديءَ جي تجويز منظور ڪري ورتي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
17.1 ° C
17.1 °
17.1 °
75 %
1.4kmh
64 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
29 °
آچر
32 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون