- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته ملڪ هن وقت معاشي بحران جي ور چڙهيل آهي، جيستائين سڀ پنهنجو قبلو درست نه ڪندا تيستائين پاڪستان معاشي طور مستحڪم نه ٿيندو.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري حيدرآباد پهچي پريٽ آباد سانحي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن ۾ امدادي چيڪ ورهايا.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته هتي جيڪي به آيا آهن اهي سڀ انهن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن، علي شيخاڻي جو دل سان ٿورائتو آهي جيڪو آمريڪا کان پاڪستان آيو آهي.
هن چيو ته علي شيخاڻي پاران شهيد ٿيندڙ هر هڪ ماڻهو جي وارثن کي 20-20 لک رپيا امداد ڏني وئي آهي.
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته ملڪ هن وقت معاشي بحران جي ور چڙهيل آهي، جيستان هو سڀ پنهنجو قبلو درست نه ڪنداسين تيستائين پاڪستان معاشي طور مستحڪم نه ٿيندو……..- Advertisement -
