- Advertisement -
صدر آصف علي زرداريءَ چيو آهي ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جو اثرائتو مقابلو ڪرڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائڻي پوندي، دهشتگرد عصرن کي سزا ڏيارڻ لاءِ عدالتي نظام کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي.
صدر آصف علي زرداريءَ بلوچستان جي دوري تي گوادر پهتو، جتي وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل راحت نسيم صدر جي آجيان ڪئي.
صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ بلوچستان ۾ سڪيورٽي صورتحال بابت گوادر اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، وڏي وزير سرفراز بگٽي، صوبائي گهرو وزير ضياءَ الله لانگو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران صدر کي صوبي جي مجموعي سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومت بلوچستان ۾ سڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ ٽارگيٽڊ حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، چيني ۽ ٻين ملڪن جي شهرين کي فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
آصف علي زداريءَ صوبائي حڪومت جي ڪوششن ۽ دهشتگرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ادارن جي قربانين جي واکاڻ ڪئي.
اجلاس دوران ڳالهائيندي صدر چيو ته بلوچستان ۾ قابل ۽ بهادر پوليس اهلڪار مقرر ڪرڻ جي ضرورت آهي، قابل آفيسر صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.
هن چيو ته زيارتين جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
صدر بلوچستان جي سماجي ۽ اقتصادي حالت بهتر بڻائڻ تي زور ڀريندي چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کي هنر سيکارڻ جي ضرورت آهي، ماهيگيري کي هٿي ڏيڻي پوندي.
آصف علي زرداريءَ چيو ته سياسي ڳالهين سان بلوچستان ۾ خوشحالي، ترقي ۽ امن ايندو.
بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته صدر جي دوري سان صوبي جي عوام کي پنهنجائپ وارو احساس ملندو، پوليس ۽ ليويز جي صلاحيت ۾ اضافو صوبائي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.- Advertisement -
