- Advertisement -
حيدرآباد سي ٽي ڊي ڄامشوري ۾ ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگرد جي سڃاڻپ زمان عرف عادل طور ٿي، سندس تعلق سوات سان ۽ پابندي مرهيل تنظيم تحريڪ طالبان سان آهي.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب، گرفتار دھشتگرد افغانستان مان تربيت يافته آهي، سندس قبضي مان روڪ رقم، موبائل فون ۽ چندي جون پرچيون هٿ ڪيون ويون.
سي ٽي ڊي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار دھشتگرد دھشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث رھيو آھي، کائنس وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي……- Advertisement -
