تازه ترين

جيڪب آباد واسڻ ناري سيما حيدر جي چئن ٻارن سميت ڀارت وڃڻ وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو

- Advertisement -
جيڪب آباد واسڻ ناري سيما حيدر جي چئن ٻارن سميت ڀارت وڃڻ وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو. سيما حيدر ۽ سندس ٻارڙن کي نيپال مان اغوا ڪري ڀارت کڻي وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ناري جي اڳوڻي مڙس غلام حيدر جي ڀارتي وڪيل مومن ملڪ، پاڪستان ۽ نيپال جي صدر کي خط لکي ڇڏيو. ڀارتي وڪيل مومن ملڪ، لکيل خط ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته نيپال جي کٽمنڊو ايئرپورٽ تان سيما کي چئن ٻارڙن سميت اغوا ڪري غير قانوني طور ڀارت منتقل ڪيو ويو هو. خط ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار سچن مينا رابپورا ضلعي گوتم ٻڌ نگر اتر پرديش ۾ چئني ٻارڙن کي رکيو آهي. وڪيل خط ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته مسلمان ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻائي مذهب تبديل ڪيو وڃي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻارن کي هندستان منتقل ڪرڻ انساني سمگلنگ جو ڪيس آهي جيڪو نيپال جي سرزمين تي ٿيو آهي، نيپال جو قانون ٽوڙيو ويو آهي ۽ نيپالي فارينر ايڪٽ جي به ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. وڪيل مومن ملڪ چيو ته نيپال جي اينٽي هيومن سمگلنگ پڻ کٽمنڊو ۽ گهرو معاملن واري وزارت کي هڪ شڪايت موڪلي آهي. خط ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته نيپال حڪومت کي حڪم ڏنو وڃي ته جوابدار سچن جي غيرقانوني قبضي مان چئن ٻارن کي بازياب ڪرايو وڃي. خط ۾ چيو ويو آهي ته نيپالي قانون تحت جوابدار سچن کي جيل موڪليو وڃي، نيپالي حڪومت جوابدار سچن مينا ۽ ٻين خلاف ڀارت ۾ غير قانوني داخلا جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گرفتار سچن مينا ۽ ٻيا جوابدار ضمانت تي آزاد آهن، جوابدار سچن مينا، نينگري فريحا بتول، فرح بتول، فروا ۽ فرحان کي زبردستي گهر ۾ بند ڪري رکيو آهي، ٻارن کي غير قانوني حراست ۾ رکڻ ڏوهه آهي، سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ڀارتي وڪيل مومن ملڪ طرفان خط جي ڪاپي اينٽي سمگلنگ کٽمنڊو نيپال، نيپالي سفارتخاني، پاڪستان جي صدر، نيپال جي اسلام آباد ۾ سفارتخاني ۽ ٻين کي پڻ موڪلي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
23 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
32.9 ° C
32.9 °
32.9 °
8 %
3kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
36 °
خميس
35 °

تازه ترين خبرون