تازه ترين

سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي هڪ دفعو ٻيهر تبديل

- Advertisement -
سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي هڪ دفعو ٻيهر تبديل ڪندي عارضي گيٽ لڳائڻ لاءِ اپ اسٽريم کي هڪ دفعو ٻيهر ڀرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،  آبپاشي کاتي جو چوڻ آهي ته اپ اسٽريم ۾ ٽي کان چار فوٽ پاڻي هئڻ سبب عارضي گيٽ بئراج تائين پهچائڻ ممڪن ناهي. سکر بئراج جي دروازن کي نقصان پهچڻ  بعد گيٽ نمبر 47 کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر حڪمت عملي تبديل ڪئي وئي. عارضي دروازو سکر بئراج کان ڏيڍ ڪلوميٽر پري ڦاسي پيو جڏهن ته عارضي گيٽ کي گيٽ نمبر 47 تائين پهچائڻ لاءِ اپ اسٽريم کي ٻيهر ڀرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اپ اسٽريم ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 فوٽ پاڻي ڀرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سکر بئراج جي اپ اسٽريم ۾ 3 کان چار فوٽ پاڻي رهجي ويو جنهن سبب عارضي گيٽ بئراج تائين پهچڻ ناممڪن ٿي ويو. گيٽ نمبر 47 جي ڊائون اسٽريم تي بند ٻڌڻ بعد اپ اسٽريم ۾ پاڻي ڀرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بند ٻڌي سکر بئراج جا سمورا دروازا بند ڪري اپ اسٽريم ۾ پاڻي ڀرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.9 ° C
24.9 °
24.9 °
30 %
0.6kmh
0 %
آچر
25 °
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
35 °
خميس
35 °

تازه ترين خبرون