- Advertisement -
پيپلزپارٽيءَ ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ جي خاتمي لاءِ آپريشن عزمِ استحڪام جي حمايت جو فيصلو ڪيو آهي.
پ پ جي پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس ۾ عزمِ استحڪام آپريشن وارو معاملو به غور هيٺ آيو، جنهن ۾ پ پ قيادت ۽ ميمبرن خدشن باوجود آپريشن جي حمايت جو فيصلو ڪيو.
پ پ جي پارلياماني پارٽيءَ گڏيل طور آپريشن عزمِ استحڪام جي حماتي ڪئي.
پيپلزپارٽي قيادت واضح ڪيو ته عزمِ استحڪام آپريشن بابت ڌرين کي اعتماد ۾ نه وٺڻ تي خدشا آهن.
پ پ قومي سطح جا فيصلا صلاح مشوري سان ڪرڻ جي خواهشمند آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت سمورن قدمن جي حمايت ڪري ٿي.- Advertisement -
