- Advertisement -
سنڌ حڪومت پاران ڪچي ۾ امن امان جي صورتحال پهريان کان بهتر هئڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ لنجار چيو آهي ته ڪچي ۾ پوئين سال ڌاڙيلن پنهنجي رياست قائم ڪري ورتي هئي، ڪچي جو علائقو نو گو ايريا بڻيل هو، سنڌ پوليس ڪم ڪيو آهي، ڊي آءِ جي صاحب ڪم ڪيو، رينجرز ۽ پوليس ڏکين حالتن ۾ تمام بهترين ڪم ڪيو آهي، هاڻي ڪچي جون حالتون بهتر آهن پوليس اتي موجود آهي، سنڌ ۾ رينجرز پوليس سان گڏجي مختلف هدفن تي ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت طرفان رينجرز لاءِ 6 ارب رپيا جڏهن ته ايف سي لاءِ هڪ ڏهائي 14 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
گهرو وزير ضياءُ لنجار چيو ته هنن ڊرونز ورتا آهن جن سان ڪچي ۾ ڌاڙيلن تي نظر رکي پئي وڃي، ڪچي جي علائقي بابت ڪافي سوال اٿاريا ويندا آهن، جڏهن هن قسم کنيو ته موٽر وي رات جو نه هلندو هو، اوهان وڃو هاڻي رات جو به سمورا موٽر وي هلي رهيا آهن، هن پاڻ صرف هڪ اسڪواڊ سان گڏ رات جي پوڻي 3 وڳي موٽر وي تي سفر ڪيو آهي.
گهرو وزير ضياءُ لنجار چيو ته گهوٽڪي جي رونتي جي ڪچي ۾ ڌاڙا هڻندڙ ۽ اغوا وارداتن ۾ ملوث ڌاڙيل راحت شر کي ماريو ويو جنهن مٿان 50 لک رپيا انعام رکيل هو، 30 لک رپيا انعام رکيل ڌاڙيل راڻو شر کي ٽولي سميت ماريو ويو، ڪشمور ۾ به ڌاڙيل ماريا ويا، هي روڊ ايئن نه هلي رهيا آهن پر انهن پٺيان پوليس اهلڪارن جي جانين جا نذرانا آهن. هن وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته ڌاڙيلن مٿان انعام جي رقم وڌائي وڃي.
گهرو وزير ضياءُ لنجار چيو ته ڪراچي ۾ 650 انڪائونٽر، 99 ڪرمنل ماريا ويا، 727 زخمي ڪيا ويا، 4 مهينن ۾ 2 هزار 680 رابرر گرفتار ڪيا ويا، 5 ڪلاشنڪوف، 3 هزار 139 پسٽل، 41 رائفل ۽ 25 بم هٿ ڪيا ويا.
گهرو وزير ضياءُ لنجار چيو ته هنن مٿان ٿاڻا وڪڻڻ جا الزام لڳا، پيپلز پارٽي ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪندي نه ئي ٿاڻا وڪڻندي.
هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ٿيندي، پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ وڏي وزير پنهنجون ترجيحون ٻڌايون، ان ۾ امن امان اولين ترجيح هئي، صدر آصف علي زرداري امن امان بابت 2 اجلاس ڪري چڪو آهي جن ۾ سمورا اسٽيڪ هولڊر به موجود هئا.
ضياءُ لنجار چيو ته دنيا ۾ 450 ماڻهن تي هڪ پوليس اهلڪار هوندو آهي، پر سنڌ ۾ 594 ماڻهن تي هڪ پوليس اهلڪار آهي.
گهرو وزير چيو ته سنڌ پوليس ۾ وڌيڪ ڀرتين جي ضرورت آهي، ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي ڪئي ويندي، سنڌ پوليس ۾ ڀرتين جو عمل جاري آهي، هن وقت 42 هزار پوليس ڪانسٽيبلز جون جايون خالي آهن، جيڪي پوليس مٿان تنقيد ڪندا آهن انهن کي چوان ٿو ته هي اوهان جي پوليس آهي……..- Advertisement -
