تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بلوچستان مان دهشتگردن جو اهم نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو

- Advertisement -
بلوچستان مان دهشتگردن جو اهم نيٽ ورڪ پڪڙيو ويو، ڪالعدم ٽي ٽي پي جي دفاعي شوريٰ جي سربراهه دهشتگرد نصرالله عرف مولوي منصور کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي گهرو وزير مير ضياءَ لانگو چيو ته گذريل ڏينهن دهشتگردي خلاف وڏي ڪاميابي ملي آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ۽ انٽيليجنس ادارن هڪ ڏکيو آپريشن ڪيو. هن چيو ته ڪارروائي دوران اهم دهشتگرد ڪمانڊر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪمانڊر نصر الله ۽ ڪمانڊ ادريس شامل آهن. گهرو وزير چيو ته گرفتار ڪمانڊر نصر الله ٽي ٽي پي شوريٰ جي دفاعي ڪميشن جو ميمبر رهيو آهي، پريس ڪانفرنس دوران هن دهشتگرد نصر الله جو وڊيو پيغام ٻڌايو. پنهنجي بيان ۾ گرفتار دهشتگرد ٻڌايو ته  سندس نالو نصر الله ۽ تعلق محسود قبيلي سان آهي ۽ انهن جي پليٽ فارم تان هو دهشتگرد ڪاررواين ۾ حصو وٺندو رهيو آهي، ٽي ٽي پي جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ هو ان ۾ شامل ٿي ويو. گرفتار دهشتگرد چيو ته سمورن ڪمن پويان ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جو هٿ هو، ضرب عضب آپريشن دوران هو افغانستان فرار ٿي ويو، سورهن ورهين دوران پاڪستان جي سڪيورٽي ادارن خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۾ حصو ورتو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
15 %
3.6kmh
33 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون