- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت عوام دوست بجيٽ سمجهي ٿي پر ملڪ جي تباهي ٿي وئي آهي، اقليت حڪومت ڪري پئي، پ پ حڪومت جو حصو ناهي.
قومي اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي ۽ پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته بجيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڌيان ٽيڪس لڳائڻ تي ڏنو ويو، عوام ٽيڪس نه ڏيندو ڇو ته عوام جو حڪومت تي اعتماد ناهي.
هن چيو ته عوام کي خبر آهي ته سندن پيسا آءِ ايم ايف کي ڏنا ويندا، ننڍي کنڊ جو رهواسي فرنگيءَ کي به ٽيڪس نه ڏيندو هو.
مولانا فضل الرحمان چيو ته هو جيڪڏهن ايوان ۾ دير سان آيو آهي ته تسليم ڪندو آهي، جيڪڏهن کيس رولز کان هٽي ڪري کيس اجازت ڏني وئي آهي ته هو واٽ آئوٽ ڪري ٿو…….- Advertisement -
