- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ شاهراهه فيصل تي بلوچ ڪالوني پل جي ڀِـت سان بس ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 19 زخمي ٿي پيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته ريسٽورينٽ جي ملازمن سان ڀريل بس شاهراهه فيصل تي ڊرائيو جي قابو مان نڪري بلوچ ڪالوني پل جي ڀـِت سان ٽڪرائجي وئي.
حادثي ۾ بس جو اڳيون حصو تمام گھڻو متاثر ٿيو، ڊرائيور به بس ۾ ڦاسي پيو جنهن کي ريسڪيو ون ون ٽو ٽو، پوليس ۽ ٻين ريسڪيو ادارن جي اه لڪارن ماڻهن کي بس مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو.
حادثي ۾ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان هڪ علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو جنهن جي سڃاڻپ الطاف جي نالي سان ٿي.
ٽريفڪ پوليس هيوي ريڪوري مشينري جي مدد سان بس کي ٻاهر ڪڍي ٿاڻي منتقل ڪيو.- Advertisement -
