- Advertisement -
وزيراعطم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي ۽ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ سميت مختلف ايجنڊا غور هيٺ اينديون.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ اهم قومي معاملن تي غور ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزارتن جي سمري منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي
وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ مختلف ڪميٽين جي فيصلن جي توثيق ڪئي ويندي، ان کان علاوه وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۽ ملاقاتن بابت ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺندو.
ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪنگ حماد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽڊ ميڊيڪل سائنسز بل جي منظوري ڏني ويندي.- Advertisement -
