تازه ترين

چين ۽ پاڪستان وچ ۾ مثالي لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهن : آرمي چيف

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ مثالي لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهن. آءِ ايس پي آر موجب جي ايڇ ڪيو ۾ چيني پيپلز لبريشن آرمي جي97هين  سالگرهه تقريب ڪوٺائي وئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي. آءِ ايس پي آر تقريب جو مهمان خاص چيني سفير هو، چيني سفارتخاني جي عملدارن ۽ ٽنهي هٿياربند فوج جي آفيسرن پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. آرمي چيف جنرل عاصم منير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ مثالي لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهن. هن چيو ته  ٻنهي ملڪن جي فوج مختلف شعبن ۾ سهڪار جاري  رهندو. چيني سفير خطاب ڪندي چيو ته پاڪ فوج هميشه دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان اڳتي رهي آهي، پاڪ فوج هميشه پاڪستان ۽ خطي جي امن استحڪام لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته  دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ڪا به طاقت پاڪ چين مثالي دوستي ۽ فوج جي ڀائيچاري کي ختم نٿي ڪري سگهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
35 %
1.8kmh
39 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون