- Advertisement -
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هو لياري جي مسئلن کان واقف آهن، جلد مسئلا حل ڪيا ويندا، شهرين کي رليف ڏيڻ سندن ترجيح آهي.
ميئر ڪراچي ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ جي چيئرمين بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو.
ايم ڊي سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ سيد امتياز علي شاهه، ايگزيڪٽيو آفيسر طارق نظاماڻي، لياري ٽائون سميت يوسي چيئرمين ۽ ٻيا اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.
اجلاس دوران ميئر ڪراچي لياري ٽائون ۽ يوسي چيئرمين کي يقين ڏياريو ته هو لياري جي مسئلن کان واقف آهن ۽ قدم کڻي رهيا آهن.
ميئر ڪراچي چيو ته چيني ڪمپني جو ٺيڪو ختم ٿي چڪو آهي، نئين ترڪي جي ڪمپني اڃا تائين انتظام نه سنڀاليا آهن، ڪمپني جي مڪمل مشينري ۽ ليبر اچڻ کانپوءِ ترڪ ڪمپني مڪمل انتظام سنڀاليندي.
هن چيو ته ڪمپني کي هدايت ڪئي آهي ته جلد کان جلد ڀرتي جو عمل مڪمل ڪري، سمورن مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪندا، شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ سندن پهرين ترجيح آهي.
ان موقعي تي ايم ڊي سولڊ ويسٽ امتياز علي شاهه چيو ته جيستائين ترڪ ڪمپني مڪمل طور تي لياري ۾ صفائي جو ڪم سنڀاليندي، ان وقت تائين چيني ڪمپني سي جي مشينري استعمال ڪندي، ان جو ٻارڻ ۽ سار سنڀال جو خرچ به ادا ڪيو ويندو، سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ بورڊ جي خانگي ڪمپني پاران رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.
ان موقعي تي سمورن چيئرمينن پنهنجن پنهنجن علائقن جي مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ صفائي سٿرائي جا ڪم نه ٿيڻ جي شڪايت پڻ ڪئي.
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ايم ڊي سالڊ ويسٽ کي هدايت ڪئي ته صفائي سٿرائي جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي.
هن چيو ته صفائي جو ڪم ٻين ادارن سان گڏجي ڪيو ويندو، انتظاميه سان رابطو ڪري بهتر طريقي سان ڪم ڪيو وڃي جيئن ڪچرو روڊن ۽ نالن تي ختم نه ٿئي…- Advertisement -
