تازه ترين

اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪمشنر، سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران چيف اليڪشن ڪمشنر، سڪندر سلطان راجا جي استعيفيٰ جو مطالبو ۽ عدالتي فيصلي جي غلط تشريح وارو تاثر رد ڪيو ويو. ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن ليگل ٽيم کي هدايت ڪئي وئي ته فيصلي جي ڪنهن پوائنٽ تي عمل ۾ رنڊڪ آهي ته نشاندهي ڪئي وڃي جيئن وڌيڪ رهنمائي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي عمل ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي غلط تشريح جو تاثر درست ناهي. ترجمان چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي استعيفيٰ جو مطالبو کل جوڳو آهي، اليڪشن ڪميشن بنا ڪنهن دٻاءَ آئين ۽ قانون تحت ڪم ڪندي رهندي. ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن کي درست نه قرار ڏنو آهي، مختلف فورمن انٽرا پارٽي چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو برقرار رکيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27 ° C
27 °
27 °
42 %
2.8kmh
20 %
اربع
26 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون