تازه ترين

بنگلاديش ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف احتجاج ۾ مارجي ويلن جو انگ 135 کان وڌي ويو

- Advertisement -
بنگلاديش ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف احتجاج ۾ مارجي ويلن جو انگ 135 کان وڌي ويو آهي. بنگلاديش ۾ سرڪاري نوڪرين جي ڪوٽا سسٽم خلاف شاگردن جي مظاهرن ۾ تيزي اچي وئي آهي، احتجاج کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ امن امان جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي ڏسندي گوليون هلائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. عوامي ليگ حڪومت احتجاج کي روڪڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، فوج روڊن رستن تي گشت ڪري رهي آهي ۽ امن امان جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي ڏسندي گوليون هڻڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، حڪومت جي ايندڙ فيصلي تائين ڪرفيو اڄ صبح 10 وڳي تائين برقرار رهندو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب سرڪاري نوڪرين جي ڪوٽا سسٽم خلاف 5 ڏينهن کان جاري احتجاج ۾ مارجي ويلن جو انگ 133 ٿي ويو آهي، جن ۾ 2 پوليس اهلڪار به شامل آهن، جڏهن ته 150 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن. ٻئي طرف وزيراعظم حسينه واجد پرڏيهي دورا ملتوي ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته آمريڪا پنهنجي شهرين کي بنگلاديش جو سفر نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31 ° C
31 °
31 °
29 %
3.5kmh
0 %
خميس
30 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون