- Advertisement -
اڳوڻي وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شفقت محمود سياست کي الوداع چئي ڇڏيو آهي.
سماجي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ شفقت محمود لکيو آهي ته هُن گهڻي سوچ ۽ ويچار کانپوءِ سياست تان ريٽائر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پنهنجي باقي عمر لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ وقف ڪندو.
شفقت محمود پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سياست کي الوداع ڪرڻ جو فيصلو ڪنهن دٻاءُ جو نتيجو نه آهي نه وري سندس ڪنهن پارٽيءَ ۾ وڃڻ جو ارادو آهي، سياست کان پاسيرو ٿيڻ جو فيصلو وقت ۽ عمر جي تقاضن سبب ڪيو آهي.
اڳوڻي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته هو پي ٽي آءِ باني، پي ٽي آءِ ۽ تڪ جي ووٽرن جو به ٿورائتو آهي، جن ٻه ڀيرا چونڊي خدمت ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو…- Advertisement -
