تازه ترين

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ  پنج رڪني ڪميٽي  جوڙڻ جو اعلان

- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ  پنج رڪني ڪميٽي  جوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ نين چونڊن لاءِ ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ تي راضي آهي. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ  پنج رڪني ڪميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو. جي يو آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي جو سربراهه ڪامران مرتضيٰ هوندو. ڪميٽي ۾ ڪي پي اسيمبلي جو پارلياماني ليڊر مولانا لطف الرحمان، اڳوڻو ايم اين اي فضل غفور شامل هوندا. ڪميٽي ۾ مرڪزي ترجمان اسلم غوري، مولانا امجد خان به شامل هوندا. مولانا فضل الرحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ نين چونڊن لاءِ  پي ٽي آءِ  ڪي پي اسيمبلي ٽوڙڻ تي راضي آهي. هن چيو ته  هو تحريڪ انصاف سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني سميت ڪنهن به سياستدان تي ڪيس داخل نه ٿيڻ گهرجن. فضل الرحمان چيو ته اسٽيبلشمينٽ اليڪشن کان الڳ ٿي وڃي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. هن چيو ته پارلياماني ۽ مڪاني ادارن جي چونڊ هڪ ئي وقت ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته نگران سيٽ اپ جو تصور هميشه لاءِ ختم ٿيڻ گهرجي. فضل الرحمان چيو ته دنيا ۾ نگران سيٽ اپ جو تصور ناهي ته  پاڪستان ۾ ڇو آهي؟ هن چيو ته ملڪي معاملا ادارن جي هٿن مان نڪري چڪا آهن، هاڻي ادارن کي نه مارشل لا ۽ نه وري ايمرجنسي ڪم ايندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
44 %
1.7kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون