تازه ترين

سياست ۽ دهشتگردي ۾ تمام وڏو فرق آهي: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سياست ۽ دهشتگردي ۾ فرق آهي، جيڪڏهن جي ايڇ ڪيو ٻاهران پرامن احتجاج جو سڏ ڏنو ويو هو ته پوءِ ماڻهو اندر ڪيئن ويا؟ هڪ انٽرويو ۾  شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پ پ ڪنهن به صوبي ۾ گورنر راڄ جي حمايت نه ڪندي، وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي وارو معاملو ڪابينا ۾ آڻيندي. هن چيو ته سياست ڪرڻ هر پارٽي جو اختيار آهي، پر ايئن ناهي ته سياست ۾ هر شيءُ جائز آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جي ايڇ ڪيو ٻاهران پرامن احتجاج جو سڏ ڏنو ويو ته ماڻهو اندر ڪيئن ويا هئا،پر امن احتجاج هو ته ڪراچي ۾ بيس ۽ ايمبولينس ڪيئن سڙيا؟ هن چيو ته اي پي ايس سانحي جي وقت ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي ته بنون جيل جو جڏهن واقعو ٿيو هو ته ان وقت به پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي، امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي اهم ذميواري هوندي آهي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪنهن دور ۾ ڪراچي ۾ پرامن هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو هو ته 30، 30 ماڻهو قتل ٿي ويندا هئا ۽ شهر بند ٿي ويندو هو. هن چيو ته جيڪڏهن اها پرامن هڙتال هئي ته پرتشدد ڇا هوندو آهي؟ سياست ۽ دهشتگردي ۾ فرق آهي، وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي جو معاملو ڪابينا ۾ آڻيندي، غور ويچار بعد فيصلو ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
33 ° C
33 °
33 °
21 %
3.6kmh
0 %
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون