تازه ترين

پاڪستان، جرمني واقعي بابت افغان حڪومت سان ڪارروائي جي ڳالهه ڪئي: ممتاز زهرا بلوچ

- Advertisement -
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان، جرمني واقعي بابت افغان حڪومت سان ڪارروائي جي ڳالهه ڪئي، پاڪستان ۽ ترڪمانستان ۾ ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاريم توانائي سهڪار، رابطن ۽ عوامي رابطن کي هٿي وٺرائڻ بابت اتفاق ٿيو آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير راشد مير دوو 22 کان 25 جولاءِ تائين پاڪستان جو دورو ڪيو، دوري دوران ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. سندس چوڻ هو ته ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان به تفصيلي ڳالهيون ڪيون، ملاقاتن ۾ ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاريم توانائي سهڪار، رابطن ۽ عوامي رابطن کي هٿي وٺرائڻ بابت اتفاق ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اي سي او جو سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي دوري تي آهي، هو پنهنجي الوداعي دوري تي پاڪستان پهتو، سندس مدو ايندڙ مهيني ختم ٿي رهيو آهي، اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد ايندڙ ٽن سالن لاءِ سندس جاءِ وٺندو. هن چيو ته اي سي او جي سيڪريٽري جنرل سان افغانستان، ڪشمير، اهم علاقائي ۽ عالمي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان فلسطينين جي حق لاءِ هر فورم تي آواز اٿاري رهيو آهي، عالمي برادري والاريل ڪشميري ۾ ڀارت طرفان انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
32 %
4.7kmh
0 %
اربع
30 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون