- Advertisement -
برطانيا غزا جنگ دوران جنگي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ تي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ بچاءُ واري وزير يوو گلنٽ جي گرفتاري وارنٽ بابت درخواست کي عالمي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ تان هٿ کڻي ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر جو چوڻ آهي ته سندن موقف واضح آهي ته هي عدالتي معاملو آهي، عدالت ئي فيصلو ڪري.
برطانوي وزيراعظم جي ترجمان موجب هو عالمي ۽ ملڪي سطح تي قانون جي حڪمراني ۽ اختيارن جي منتقلي ۾ يقين رکن ٿا.
ياد رهي ته آءِ سي سي جي چيف پراسيڪيوٽر ڪريم خان مئي ۾ اسرائيلي وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير خلاف غزا جنگ دوران جنگي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ تي سندن وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي….- Advertisement -
