- Advertisement -
مهانگائي ۽ بجلي جي بلن ۾ واڌ خلاف جماعت اسلامي جو راولپنڊي ۾ ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي، حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته ٻن ڏينهن کان پنجاب حڪومت آمريت جو مظاهرو ڪري رهي آهي، سندن ڌرڻي جو رخ ڪنهن ٻئي طرف ٿي سگهي ٿو.
لياقت باغ وٽ هنيل ڌرڻي واري هنڌ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته آءِ پي پيز عوام جون رت چوسي رهيون آهن، بجلي جي ڳرن بلن غريب عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، هر سال کربين رپيا هڙپ ڪندڙ آءِ پي پيز کي پئسا ڏيڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.
هن چيو ته جيڪي جعلي آءِ پي پيز آهن انهن جي فرانزڪ آڊٽ ڪري کين بند ڪيو وڃي ۽ جيڪي سهي ڪم ڪري رهيون آهن انهن سان ڪيل معاهد رد ڪري ٻيهر ڳالهيون ڪيون وڃن.
هن چيو ته سندن ڌرڻي جو ڪو سياسي مقصد ناهي، هو صرف عوام لاءِ رليف چاهين ٿا، جيستائين عوام کي سندن حق نه ملندو تيستائين ڌرڻو جاري رهندو، حڪومت ڪنهن به خام خيالي ۾ نه رهي، ڌرڻو انقلاب ۽ تاريخي احتجاج ۾ تبديل ٿيندو.
حافظ نعيم الرحمان چيو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب نوجوان ملڪ ڇڏي وڃي رهيا آهن، کين تعليم ۽ روزگار ملڻ گهرجي، حڪمران عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سنجيده ٿي ڳالهيون ڪن.- Advertisement -
