تازه ترين

لاڙڪاڻي ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن گوليون هڻي ٻن ڀينرن کي  قتل ۽ سندن امڙ کي زخمي  ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
لاڙڪاڻي ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن گوليون هڻي ٻن ڀينرن کي  قتل ۽ سندن امڙ کي زخمي  ڪري ڇڏيو. نظر محلا ۾  جوابدارن عظمت چانڊيو جي گهر ۾ گهڙي ناري حفيظان سندس ڀيڻ فرح چانڊيو کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو،  جڏهن ته فائرنگ ۾ سندن امڙ روبينا چانڊيو زخمي ٿي پئي. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڀينرن جا لاش ۽ زخمي عورت کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. مقتول نارين جي والد جو چوڻ آهي ته رات جو دير سان سندس ڀاءُ سعيد، ڀاڻيجي جميل، سئوٽ نعمت الله گهر ۾ گهڙي سندس ٻن ڌيئرن کي قتل ۽ گهر واري کي زخمي ڪري ڇڏيو. هن اعليٰ اختارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندس ڌيئرن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب واقعو گهرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.5 ° C
23.5 °
23.5 °
45 %
2.7kmh
19 %
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون