تازه ترين

ٽائيفون گيمي نالي طوفاني برساتن فلپائن کانپوءِ چين ۾ تباهي مچائي ڇڏي

- Advertisement -
ٽائيفون گيمي نالي طوفاني برساتن فلپائن کانپوءِ چين ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ گهر ٻڏي ويا آهن، جڏهن ته روڊ ۽ رستا درياهه جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب زڪسنگ شهر جي ڪجهه علائقن ۾ صرف 24 ڪلاڪن ۾ 645 ملي ميٽر رڪارڊ برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جتي گهر ٻڏڻ سبب 11 هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روڊن ٻڏي وڃڻ سبب زيڪسنگ شهر جا ڳوٺن سان رابطا ڪٽجي ويا آهن، طوفاني برساتن سبب بجلي ۽ مواصلاتي نظام تباهه ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سينٽرل چين ۾ طوفاني برساتن سبب گهٽ ۾ گهٽ 30 ماڻهو فوت ۽ 35 کان وڌيڪ شهري گم ٿي ويا آهن، جڏهن ته سوين ماڻهو گهرن اندر پاڻِي ۾ ڦاٿل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب چين ۾ برساتن سبب تباهي جو ٽائفون گيمي جي ڪري ٿي، جيڪو فلپائن ۽ تائيوان کان ٿيندو چين ۾ داخل ٿيو آهي، هڪ هفتو اڳ اوڀر چين ۾ تباهي سبب هونان صوبو سخت متاثر ٿيو هو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.7 ° C
24.7 °
24.7 °
42 %
2.5kmh
0 %
اربع
34 °
خميس
28 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
31 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون