- Advertisement -
سعودي پرڏيهي وزير آمريڪي هم منصب سان فون تي رابطو ڪري غزه ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ مستقل جنگ بندي بابت ڳالهيون ڪيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان پنهنجي آمريڪي هم منصب انتوني بلنڪن سان فون تي رابطو ڪيو.
عرب ميڊيا رپورٽ موجب سعودي پرڏيهي وزير ۽ انتوني بلنڪن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ٻنهي وزيرن غزه جي پٽي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ مستقل جنگ بندي تائين پهچڻ جي اهميت تي زور ڏنو.
ملاقات ۾ سوڊان جي موجوده صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ياد رهي ته ايران ۽ لبنان ۾ اسرائيلي حملن کانپوءِ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي آمريڪا به روزويلٽ جنگي جهاز کي خليج فارس موڪلي ڇڏيو آهي….- Advertisement -
