تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات سبب  ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات سبب  ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا. حيدرآباد ۽ ڀرپاسي ۾ برسات پوڻ بعد بجلي جا 214 فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب علائقي ۾ بجلي جي فراهم بند ٿي وئي. سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي. وسڪاري بعد گوليمار، گرم گودي، نئون پنڊ سميت هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. لاڙڪاڻي ۾ وسڪاري انتظاميان جي پت وائکي ڪري ڇڏي، برسات بعد روڊ رستا تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا، برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب شهري ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا. نوابشاهه ۾ وسڪاري بعد  جل ٿيل هڪ ٿي ويو، روڊ رستا تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا. پي ايم سي اسپتال به پاڻي سان ڀرجي وڃڻ سبب مريض ۽ سندن وارث پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا. قمبر ۾ برسات سبب ناڪو روڊ، باگو ديرو، باءِ پاس، شاهي بازار سميت ٻين علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. شهداد ڪوٽ ۾ معمولي برسات انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي. برسات سبب روڊن رستا تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا، ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو. دادو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، جڏهن ته گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پيرسن زخمي ٿي پيو. برسات ضلعي انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي، روڊن، رستن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيهجي ويو. ڳوٺ ڌڻي بخش ڀٽو ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پيرسن عزيز الله ڀٽو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. نوشهرو فيروز ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي. برسات سبب سول اسپتال ۾ پاڻي ڪاهي پيو. مٽياري جي مختلف علائقن ۾ برسات پوڻ سبب مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو. موري ۾ برسات بعد شهري جي اڪثر علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. نصير آباد ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ سبب شهري ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا. سيوهڻ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾وسڪاري سبب گرمي جو زور گهٽجي ويو. ڀٽ شاهه ۾ 10 ڪلاڪن کان جاري وسڪاري بعد هيٺانهين وارن علائقن ۾ 3-3 فوٽ پاڻي بيهجي ويو. ٺل ويجهو ڳوٺ شاهه دوست بنگلاڻي ۾ برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 50 سالن جي عائشه بنگلاڻي ۽ سندس پوٽو محمود دٻجي فوت ٿي ويا. ڪوٽڏيجي  ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ٻي ڏينهن به وسڪارو جاري آهي، برسات سبب کجين ۽ ووئنڻن جي فصل کي نقصان پهچڻ سبب آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا. گمبٽ  ۾ لڳاتار 14 ڪلاڪن برسات جاري آهي. برسات جو پاڻي ڀٽائي چوڪ، اسٽيشن روڊ، غريب آباد، پپري روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ بيهجي ويو. ڪنب ۾ گذريل 48 ڪلاڪن کان جاري برسات جل ٿل هڪ ڪري ڇڏيو، وسڪاري سبب سيپڪو جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي. ڊکڻ ۾ برسات بعد پاڻي روڊ رستن تي بيهجي ويو، جنهن سبب ماڻهو ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا. ڀريا روڊ  ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جاري برسات سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو. نوري آباد  ۽ ڀرپاسي ۾ وسڪاري بعد ڳوٺ علي نواز ڏدر ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پيرسن ۽ سندس ننهن فوت ٿي ويا. ٿاڻو بولا خان ۾وقفي وقفي سان جاري برسات ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا ۽ ڳوٺن جو شهرن سان زميني رستو ڪٽجي ويو. دريا خان مري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ لڳاتار 14 ڪلاڪن کان برسات جاري آهي، جنهن سبب هيٺانهين وارا علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
36 %
6.7kmh
1 %
ڇنڇر
27 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون