تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف شاگردن جي سول نافرماني واري تحريڪ جي اعلان کانپوءِ پرتشدد مظاهرن ۾ مارجي ويلن جو انگ 300 تائين پهچي ويو

- Advertisement -
بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف شاگردن جي سول نافرماني واري تحريڪ جي اعلان کانپوءِ پرتشدد مظاهرن ۾ مارجي ويلن جو انگ 300 تائين پهچي ويو آهي، 11 هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب سول نافرماني جي تحريڪ هلائيندڙ شاگردن وزيراعظم حسينه واجد جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ڪرفيو باوجود ڍاڪا ڏانهن مارچ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊاڪٽرن ۽ پوليس هن وقت تائين شاگردن جي احتجاج دوران جهڙپ ۾ 300 ماڻهن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ تازو ڇڪتاڻ پڻ ٿي، جنهن ۾ پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ ٻين هٿيارن جو استعمال ڪيو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽن مطابق راڄڌاني ڍاڪا ۽ اترين ضلعن ۾ آچر واري ڏينهن ٿيل ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ جاني نقصان ٿيو، جڏهن ته پوليس اهلڪارن جو چوڻ آهي ته سراج گنج واري علائقي ۾ به مظاهرين پوليس تي حملو ڪيو ويو. ڪوٽا سسٽم خلاف جولاءِ ۾ شروع ٿيندڙ احتجاج ۾ هن وقت تائين پرتشدد واقعن ۾ سوين ماڻهو مارجي چڪا آهن، جڏهن ته شاگرد سول نافرماني جي تحريڪ جو اعلان ڪندي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. ملڪ جي صورتحال تي بنگلاديش جي وزيراعظم چيو آهي ته جيڪي احتجاج جي نالي تي هي سڀ ڪجهه تباهه ڪري رهيا آهن اهي شاگرد نه آهن، اهي ڏوهاري آهن، عوام انهن سان لوهي هٿن سان منهن ڏي. ميڊيا رپورٽن مطابق ڍاڪا ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي، موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس به بند ڪئي وئي آهي، پوليس ۽ فورسز ڪاررواين ۾ هڪ هفتي دوران 11 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.8 ° C
27.8 °
27.8 °
3 %
9kmh
0 %
آچر
29 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون