تازه ترين

هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تائين آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ سان اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ٿي ويندي: ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته خيرات سان ملڪ نه ٿو هلي سگهي، ٽيڪس هر صورت ۾ ڏيڻي پوندي، هلندڙ مهيني جي آخر تائين آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويندو، معاهدي جي منظوري کانپوءِ ڪلائميٽ فنانسنگ تي به ڳالهيون ٿينديون. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تائين آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ سان اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ٿي ويندي، آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ سان معاهدي جي منظوري بعد ڪلائميٽ فنانسنگ بابت ڳالهيون ڪيون وينديون. سندس چوڻ هو ته آڪٽوبر ۾ سالياني گڏجاڻي دوران آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ سان ڪلائميٽ فنانسنگ لاءِ ڳالهيون ٿينديون. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ شامل آهي، پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچڻ سان گڏوگڏ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ آبادي جو بم ڦاٽي چڪو آهي، پاڪستان کي آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ سان موسمياتي تبديلي جي فنانسنگ لاءِ اثرائتو منصوبو جوڙڻ جي ضرورت آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته بيورو ڪريسي هر هنڌ موجود آهي، هر شيءِ جو هڪ فريم ورڪ هئڻ گهرجي، پرائيوٽ سيڪٽر کي اڳتي وڌڻو پوندو، خيرات سان ملڪ نه ٿو هلي سگهي، ٽيڪس هر صورت ۾ ڏيڻي پوندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
46 %
3.6kmh
71 %
اربع
24 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون