- Advertisement -
يحييٰ السنوار فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي سياسي آفيس جو نئون سربراهه بڻجي ويو.
حماس طرفان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اسماعيل هانيه جي شهادت کانپوءِ هاڻي يحيى السنوار حماس جي سياسي ونگ جي سربراهه ڪندو.
يحيى السنوار ان کان اڳ غزه ۾ حماس جي سربراهي ڪري رهيو هو.
خيال رهي ته حماس جي سياسي ونگ جو اڳوڻو سربراهه اسماعيل هانيه 13 جولاءِ تي تهران ۾ ٿيندڙ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو.
اسماعيل هنيه جي شهادت کانپوءِ حماس سينيئر اڳواڻ محمد اسماعيل درويش کي سياسي آفيس جو عبوري سربراهه مقرر ڪيو هو…..- Advertisement -
