- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ دور ۾ فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلي سگهن ٿا ته هاڻي ڇو نه؟ پي ٽي آءِ بانيءَ کي سمجهڻ گهرجي ته 9 مئي واقعا رياست خلاف بغاوت هئي.
خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين 9 جي بغاوت جو ماسٽر مائينڊ هو، سڄو پلان ئي سندس ٺاهيل هو.
هن چيو ته پي ٽي آ ءِ بانيءَ جو ڪيس فوجي عدالتن ڇو نٿو هلي سگهي؟ هن پنهنجي دور ۾ ماڻهن تي فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايا ۽ سزائون ٿيون.
خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ جي مشروط معافي جي آڇ تي به اسٽبلشمينٽ سان سندس لاڳاپن ۾ بهتري جو ڪو امڪان آهي.
بچاءَ واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ کي سمجهڻ گهرجي ته 9 مئي واقعا رياست خلاف بغاوت هئي…………
- Advertisement -
