- Advertisement -
سنڌ سرڪار، صدر آصف علي زرداري کان وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل صوبي جي مسئلن جي حل لاءِ مدد گهري ورتي.
صدر آصف علي زرداري سان سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه ملاقات ڪئي.
ناصر حسين شاهه، صدر آصف علي زرداري کان وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل صوبي جي مسئلن جي حل لاءِ مدد گهري ورتي.
صوبائي وزير ناصر حسين شاهه درخواست ڪئي ته صدر آصف علي زرداري، وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري.
صدر آصف علي زرداري سنڌ سميت سڄي ملڪ جي سمورن صوبن جي وفاق سان لاڳاپيل مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي ڪردار کي جاري رکڻ جو عزم ڪيو.
صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، صدر آصف علي زرداري کي سنڌ ۾ شمسي توانائي کي هٿي وٺرائڻ بابت تفيصلي بريفنگ ڏني.
صدر آصف علي زرداري چيو ته توانائي جي موجوده بحران ۾ سولر انرجي تي ڀاڙڻ کي وڌائڻو پوندو.
صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته شمسي توانائي مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار اثرائتي قدمن تي عمل ڪري رهي آهي.
صوبائي وزير ناصر شاهه، صدر آصف علي زرداري کي سنڌ ۾ رٿابندي ۽ ترقي جي کاتي جي ڪارڪردگي بابت به آگاهه ڪيو……..- Advertisement -
