- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن، اسلام آباد ۾ 29 سيپٽمبر تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
جاري ڪيل پڌرائي ۾ اليڪشن ڪميشن چيو ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن لاءِ رٽرننگ آفيسر نوٽيس لڳائيندا.
اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذ سورهن کان 20 آگسٽ تائين جمع ڪرائي سگهبا.
پڌرائي موجب نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 22 کان 26 آگسٽ تائين ٿيندي، نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيڻ يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون 27 کان 29 آگسٽ تائين داخل ٿينديون.
اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي تاريخ 5 سيپٽبر آهي، اميدوارن کي چونڊ نشان 6 سيپٽمبر تي جاري ٿيندا، ان دوران ايگزيڪيٽو اٿارٽي اسلام آباد ۾ ڪنهن نئين اسڪيم جو اعلان نه ڪندا.- Advertisement -
