- Advertisement -
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي چيئرمين عبدالعليم لاشاري چيو آهي ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ 9 ڏينهن اندر سنڌ جي 17 ضلعن ۾ درسي ڪتاب پهچايا آهن.
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي چيئرمين عبدالعليم لاشاري ڪراچي جي لانڍي ويئر ھائوس ۾ ڪتاب ورهايا.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي عبدالعليم لاشاري چيو ته سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه جي خاص هدايتن تي سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ نئون تعليمي سال شروع ٿيڻ کان اڳ ئي درسي ڪتاب پهچائڻ لاءِ ادارو پنهنجي ڪم ۾ مصروف آهي.
هن چيو ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ تعلقي سطح تي درسي ڪتاب پهچائڻ لاءِ 31 جولاءِ کان شروع ٿيندڙ مهم جي 9 ڏينهن اندر ڄامشورو، ٽنڊوالهيار، ٽنڊومحمد خان، مٽياري، دادو، ڪشمور، ٺٽو، ملير، اتر ڪراچي، اوڀر ڪراچي، ڏکڻ ڪراچي، ڪورنگي، ڪياماڙي، سينٽرل ڪراچي، جيڪب آباد، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ درسي ڪتاب پهچايا ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته رهيل ضلعن اندر پڻ اسڪول کلڻ کان اڳ ڪتاب پهچايا ويندا.
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي چيئرمين عبدالعليم لاشاري، سنڌ جي ضلعي ۽ تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن کي گذارش ڪندي چيو ته هو پنهنجن پنهنجن ضلعن ۽ تعلقن ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران ڏنل نصابي ڪتابن جي جلد کان جلد ورهاست ڪري ان جي رپورٽ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ انتظاميا وٽ جمع ڪرائن…
هن چيو ته چاهين ٿا ته سرڪاري اسڪول ۾ پڙهندڙ هر ٻار وٽ ڪتاب هجن ۽ هو مفت ۽ معياري تعليم پرائي سگهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪتاب مارڪيٽ ۾ دستياب آھن، هنن پنھنجون ٽيمون جوڙيون آھن، جيڪي تعلقي سطح تي رپورٽون جمع ڪرائينديون.- Advertisement -
