تازه ترين

صدر آصف علي زرداري، ارشد نديم کي راند جي ميدان ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ خاص تقريب دوران سول ايوارڊ سان نوازيندو

- Advertisement -
صدرِ مملڪت آصف علي زرداريءَ پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي هلالِ امتياز سان نوازڻ جي هدايت ڪئي آهي. صدر آصف علي زرداري، ارشد نديم کي راند جي ميدان ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ خاص تقريب دوران سول ايوارڊ سان نوازيندو. صدر جي هدايت تي ايوانِ صدر ارشد نديم  کي سول ايوارڊ عطا ڪرڻ لاءِ ڪابينا ڊويزن کي خط لکيو. خط ۾ چيو ويو ته ارشد نديم بهترين ڪارڪردگيءَ سان راند جي ميدان ۾ قوم جو ڳاٽ اونچو ڪيو آهي، ارشد نديم جي عالمي سطح تي شاندار ڪاميابي قوم لاءِ فخر جو سبب بڻجي. خط موجب ارشد نديم ايٿليٽڪس جي ميدان ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو، صدر مملڪت، ارشد نديم کي سول ايوارڊ آئين جي آرٽيڪل 259 ٽو تحت عطا ڪندو. آئين تحت صدر مختلف شعبن ۾ بهتر خدمتون سرانجام ڏيڻ جي اعتراف ۾ پاڪستان جي شهرين کي اعزاز عطا ڪري سگهي ٿو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
36 %
5.6kmh
19 %
خميس
27 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون