- Advertisement -
ڪراچي ۽ لاهور جي مختلف علائقن ۾ ڪڪر وسي پيا ، ٿڌيون هوائون گھلڻ سبب موسم خوشگوار بڻجي وئي.
صبح سوير ڪراچي جي علائقي بهادر آباد، گلشن اقبال، پراڻي سبزي منڊي ڪشمير روڊ ۽ طارق روڊ تي هلڪي برسات پئي.
ان کان علاوه صدر، لائنز ايريا، ايم اي جناح روڊ، برنس روڊ تي به ڦـُڙِ ڦـُڙِ پئي.
هوڏانهن لاهور جي مختلف علائقن ۾ به هلڪي برسات کانپوءِ موسم خوشگوار بڻجي وئي آهي.
ان کان علاوه راولپنڊي ۽ ڀرپاسي ۾ تيز برسات کانپوءِ مختلف علائقن ۾ بجلي سپلاءِ معطل ٿي وئي.
اسلام آباد جي ڪجهه علائقن ۾ به هلڪي برسات ٿي آهي جڏهن ته آزاد ڪمشير، پشاور، مالاڪنڊ ۽ مانسهره ۾ به ڪڪر وسيا آهن.- Advertisement -
